جمال رند

جمال رند

جمال رند

جمال رند: مشهور اديب ۽ صحافي جمال رند، 19 جون 1937ع تي سورهيه خان رند جي گهر ۾، جهول ڀرسان ڳوٺ محمد خان رند، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. سندس واسطو آبادگار خاندان سان رهيو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي.هو تعليمي حوالي سان بي. اي (آنرز)، ايم. اي (سنڌي) ۽ ايل. ايل. بي هو. ايم. اي ڪرڻ کان پوءِ، پبلڪ اسڪول ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ اتي 7 سال رهيو. هن اتي علمي ادبي سرگرمين کي زور وٺايو. ’لطيف سنگت‘ نالي هڪ تنظيم ٺاهي، لطيف سائينءَ جا ڏهاڙا ملهايا، ان کانپوءِ هو سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾، ارڙهين گريڊ ۾ پراڊڪشن آفيسر ٿي آيو ۽ وڏي عرصي تائين هن عهدي تي فائز رهيو. جڏهن
شيخ اياز سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر ٿي آيو ته هن جمال رند کي گهرائي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ڪري رکيو. پر شعبي جي استادن جي مخالفت سبب مختصر عرصي بعد هو واپس سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ موٽي ويو. جڏهن جمال رند جو ويجهو دوست، محمد حسن ڀٽو، ڊرينيج اينڊ ريڪليميشن انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان (D.I.P) ٽنڊي ڄام ۾ ڊائريڪٽر فنانس ٿي آيو ته هن ڪجهه عرصي لاءِ جمال رند کي سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ مان ڊيپوٽيشن تي ڊپٽي ڊائريڪٽر طور پاڻ وٽ گهرائي ورتو ۽ بعد ۾ وري سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ ساڳئي عهدي تي رهيو.
جمال رند، پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو 21 جون 1989ع کان 27 جون 1995ع تائين پرنسپال به ٿي رهيو. ان کان سواءِ هڪ مختصر عرصي لاءِ 2 جون 1996ع کان 15 آگسٽ 1996ع تائين سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو چيئرمئن به ٿي رهيو.
جمال رند جو سنڌي ادب سان لاڳاپو ابتدا کان وٺي رهيو. جڏهن 1953ع ڌاري سنڌ مدرسي جي هاسٽل ۽ احسان بدويءَ جي ميٺا رام هاسٽل واري ڪمري ۾، سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون ته غلام رباني آگرو ۽ جمال رند به انهن گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. ان وقت سنڌي ادبي سنگت جا روح روان نور الدين سرڪي ۽ احسان بدوي هوندا هئا، رباني ۽ جمال، هنن گڏجاڻين ۾ پنهنجا افسانا پيش ڪندا هئا. جڏهن 1958ع ۾ جنرل ايوب خان جي مارشل لا کانپوءِ شاگردن کان ايس. ايم ڪاليج ۽ ڊي. جي سائنس ڪاليج جون هاسٽلون خالي ڪرايون ويون، تڏهن سنڌ مدرسي جي هاسٽل ۾ جمال رند ئي اڪيلو وڃي رهيو. جڏهن سراج ميمڻ، گانڌي گارڊن جي ڀرسان شو مارڪيٽ علائقي ۾ مسواڙ تي فليٽ ورتو ته محمد ابراهيم جويو، غلام رباني آگرو ۽ جمال رند به ساڻس اچي گڏ رهيا ۽ سندن ادبي سرگرميون جاري رهيون.
ڪجهه سالن کانپوءِ جمال رند حيدرآباد ۾ اچي ادبي محفلون مچايون. زندگي پبليڪيشن پاران 1960ع ۾ ڊيمي سائيز ۾ ’روح رهاڻ‘ رسالو نڪرڻ شروع ٿيو جنهن جو ايڊيٽر جمال رند رهيو، هن رسالي ۾ جديد سنڌي ڪهاڻيڪارن: شيخ حفيظ، آغا سليم، ناصر مورائي ۽ ٻين ۽ شاعرن ۾شمير الحيدري، غلام محمد گرامي، تنوير عباسي ۽ ٻين کي اهميت سان شايع ڪيو، اڳتي هلي روح رهاڻ جڏهن ڊبل ڪرائون سائيز ۾ نڪرڻ شروع ٿيو ته ان جو ايڊيٽر نامور اديب حميد سنڌي ٿيو. 1963ع ڌاري هن سانگهڙ پبليڪيشن پاران ٽي ڪتاب ڇپايا جن مان هڪ جو نالو ’ڦڳڻ ڦلاريا‘ هو.
جمال رند سنڌ جي حقن جي حفاظت لاءِ هڪ طرف تنوير عباسي، غلام رباني، نجم عباسي، امداد حسيني ۽ ٻين دوستن سان گڏ هوندو هو ته ٻئي طرف سندس سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌ دوست استادن: خاص ڪري محمد عمر ميمڻ ۽ محمد حسن ڀُٽي سان گهرو رستو هو. اهڙيءَ طرح شاگرد اڳواڻن ۾ جمال رند جي دوستي يوسف لغاري ۽ يوسف ٽالپر سان هوندي هئي.
ون يونٽ خلاف تحريڪ دوران جمال رند پمفليٽن جي پٺارڪ ساڻ کڻي، ڪنهن دوست سان گڏ ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي پوندو هو ۽ مختلف شهرن ۾ دوستن کي پمفليٽ ورهائڻ لاءِ ڏيندو هو ۽ لاڙڪاڻي ۽ سکر کان ڦرندو حيدرآباد اچي پڄندو هو. جڏهن پريسون پمفليٽ ڇاپڻ لاءِ تيار نه هونديون هيون ته جمال رند، محمد حسن ڀٽو ۽ رباني، ٽين جي چوڪنڊي پليٽ کي رجيل ميڻ سان ڀري، ميڻ ٺرڻ بعد ڪاغذ تي لکيل مواد کي اُن تي چنبڙائيندا هئا ته اکر پليٽ تي ٺهي پوندا هئا. پوءِ ان پليٽ تي پنا رکي پمفليٽن جون ڪاپيون تيار ڪندا هئا ۽ اونداهين راتين ۾ گاڏي کاتي جي
ڀتين تي چنبڙائيندا هئا. ون يونٽ واري زماني ۾ قومي جلسن ۾ جمال رند هڪ خاص لولي، سريلي ۽ سوز ڀرئي آواز ۾ ڳائيندو هو:
پار درياهون لونگان دا ٻوٽا، يار ميڏا هي ميندي دا جهوٽا
لولي او لولي، او بگا لولي
اسان ناڙي نه ڄُلسون ناڙي ڏاڍيان دا ڏيهه هي!
لولي او لولي، او بگا لولي
ون يونٽ واري زماني ۾ جمال رند جي. ايم سيد کي ويجهو رهيو پر ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ سندس رفاقت فقط يوسف ٽالپر سان وڃي رهي.
جمال رند سنڌيءَ ۾ فئنٽسي ڪهاڻين جي بنياد وجهندڙن مان هو. هن ٻارهن کن ڪهاڻيون لکيون، جن مان ’ماني ڳڀو‘ ۽ ’هو اڏري ويا‘ فئنٽسي ڪهاڻيون هيون. هن جون ’رات جي راڻي‘ ۽ ’روح رهاڻ‘ رسالن ۾ ڇپيل ڪهاڻين کي جديد ڪهاڻين ۾ اهم مقام آهي. جڏهن محمد يوسف ٽالپر مرڪزي وزير ٿيو ته هن روزاني سنڌي اخبار ’بختور‘ حيدرآباد جو کيس ايڊيٽر بنايو، جمال رند اخبار کي ڪافي بهتر بنايو. جمال رند جي زندگيءَ جي پوئين پهر ۾ سياست، ادب ۽ صحافت سان دلچسپي گهٽجي وئي ۽ ڌنڌي ۽ روزگار تي ڌيان ڏنائين، ڳوٺ جو نالو ’سهڻي ڌرتي‘ رکي ٻني ٻاري طرف متوجهه ٿيو. حيدرآباد ۾ پنهنجي جاءِ جوڙايائين. اول ونڊسر هوٽل وٽ ۽ پوءِ مين قاسم آباد ۾ ’انا‘ انگلش هاءِ اسڪول نالي خانگي اسڪول کوليائين، جنهن ڪافي ترقي ڪئي. ان کان سواءِ شيخ اياز جي وفات بعد محمد ابراهيم جويي، مدد علي سنڌي ۽ ربانيءَ سان گڏجي شيخ اياز فائونڊيشن ۾ ڪم ڪيائين. جمال رند آخري عمر ۾ بيمارين جو آماجگاهه بنجي ويو، اڪثر ناچاڪ رهندو هو. شگر ۽ دل جو عارضو هئس، 19 نومبر 2002ع تي اڱاري جي ڏينهن اسر ويل وفات ڪيائين.


لفظ جمال رندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.06.19  عيسوي

مشهور اديب ۽ صحافي جمال رند، 19 جون 1937ع تي سورهيه خان رند جي گهر ۾، جهول ڀرسان ڳوٺ محمد خان رند، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو.


2002.11.19  عيسوي

جمال رند 19 نومبر 2002ع تي اڱاري جي ڏينهن اسر ويل وفات ڪيائين.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دوارڪا پرساد روچيرام شرما
چنا راهي
بادل جمالي
غلام حسين مشتاق سچاروي
صابري عبدالغفار مولانا
جمال رند
علي بابا
عباسي محمد عثمان چنيهه
عبدالڪريم ٻگهيوحاجي
زيب سنڌي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون